SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پڪو حمايتي يا طرفدار:


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پڪو حمايتي يا طرفدار:

Partisan

پارٽيزن

ڪنهن به سياسي جماعت جو ڪٽر طرفدار،جيڪو جماعتي پاليسن جي معاملي ۾ ڪنهن به ٻئي فرد يا جماعت جو موقف ٿڏي ڇڏي. هي اصل ۾ هڪ ناڪاري تصور آهي، جيڪو ڪنهن مخصوص ڌر سان انتها پسنديءُ جي حد تائين لاڳاپي کي ظاهر ڪري ٿو. ٻئي طرف ٻين عالمي جنگ دوران جرمنيءَ جي خلاف گوريلا جنگ وڙهندڙ قبضي ۾ آيل يورپي ملڪن جي ويڙهاڪن کي Partisan به چيو ويندو آهي. مثال طور، ٻي عالمي جنگ دوران هٽلر جي فوجن مشرقي ۽ مغربي يورپ جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪري ڇڏيو. جرمنيءَ جي انهن قابض فوجن کي پنهنجي ملڪن مان ڪڍڻ لاءِ، اوڀر يورپي ملڪن خاص طور يوگوسلاويه ۾ Partisans زبردست مزاحمتي جنگ وڙهيا. ساڳي طرح اپريل 1945ع ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ، اٽليءَ ۾ ’بينيتو مسولينيءَ‘ خلاف جمهوريت پسند انقلابين هٿياربند جدوجهد تيز ڪئي ۽ مسولينيءَ کي سُئٽزرلنڊ جي سرحد وٽان گرفتار ڪري ڦاهيءَ تي ٽنگيو. انهن مُجاهد يا انقلابي ٽولن کي به Partisans يا ”عوامي محافظ“ سڏيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي انتهاپسند حاميءَ کي به ساڳئي اصطلاح سان سڏيو ٿو وڃي


Remember Me Also:

ڪرال

ذ. صفت. سن. شوخ ، ڪرڙو ،تندمزاج ، سخت ، کهرو ، ڪراڙو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal